📅
Twitter/X Instagram Facebook
نواڻ
مکيه صفحو ڪهاڻي نئون جانور

نئون جانور

✍️ طارق قريشي ·📅 30 مئي 2026 ·🏷️ ڪهاڻي ·⏱️ 21 منٽ ·👁 19
فونٽ:
📤 شيئر 💬 واٽسايپ
نئون جانور

طارق قريشي
مهمانن کي چيو،
جيٽلمين، اوهان کي ڪانفرنس هال ۾ هلڻ لاءِ درخواست ڪندس.
چيانگ شيخ ميز تي لڳل بٽڻ مان هڪڙو بٽڻ دٻايو ته سامهون بيٺل سلائنڊنگ وال هٽي وئي. سامهون هڪ وچولي درجي جو ڪانفرنس هال هو. جتي پندرنهن ڪرسيون هڪ وڏي رائونڊ ٽيبل جي چوڌاري رکيل هيون، هر ڪرسيءَ وٽ مائڪرو فون ۽ ٽرانسليٽ هيڊ فون لڳل هئا، سڀني ماڻهن جي اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ سلائيڊنگ وال پاڻ مرادو بند ٿي وئي. ڪانفرنس هال ۾ ويهڻ بعد چيانگ شيڪ ميٽنگ جي ڪاروائي شروع ڪئي.
چيانگ شيڪ چيو،
مان توهان سڀني ٻاهران آيل مهمانن جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان اسان جي سڏ تي پنهنجو وقت ڏنو. اڄ هئي ميٽنگ، جنهن مقصد جي ڪري ڪوٺائي وئي آهي، ان کان اوهان سڀ واقف آهيو.
اسان جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو زولاجيڪل گارڊن سوزولينڊ ۾ آهي. جنهن جي هڪ خوبصورت آفيس ۾ ويٺا آهيون. توهان کي به خبر آهي ته سوزولينڊ زولاجيڪل گارڊن ۾ هڪ نئون جانور آندو ويو آهي. هن جانور بابت ڳالهائڻ کان اڳ آءُ ضروري ٿو سمجهان ته زو جي پسمنظر تي روشني وجهان، تنهن ڪري، اسان کي ٿورو ماضئَ تي نظر ڊوڙائڻي پوندي.
توهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ جڏهن 1999ع ۾ ٿرڊ ورلڊ وار لڳي هئي ته دنيا جي 3.4 حصو آبادي تباهه ٿي چڪي هئي. ملڪ ته ڇا پر کنڊ يا اپکنڊ لتاڙِي وڃبو هو ته ماڻهو نه ملندو هو، چوڏس بارود جي بانس پکڙيل هوندي هئي. انهن علائقن ۾ ڪو به صحيح سلامت ۽ باهوش انسان ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو، هر طرف تباهي ۽ بربادي ڇانيل هئي، ماڻهو ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ سڪندو هو، جانور ۽ پکي نظر نه ايندا هئا. جيڪڏهن ڪو پکي ڏسڻ ۾ به آيو ته اهو خاموش رهندو هو، ٻوليون ٻولڻ پکين کان وسري ويون هيون، فرسٽ ورلڊ وار، سيڪنڊ ورلڊ وار ۽ ٿرڊ ورلڊ وار پو ٿيون، انهن ڪيتري تباهي آندي، ان بعد ڪيتري ترقي ٿي. اهو هڪ ڊگهو بحث آهي. پر مختصر طور تي اهو چئجي ته انهن ٽنهي عظيم جنگين جو هڪڙو ئي سبب هو ته وقت جي سپر پاورز ۽ ان جي حمايتن جي دماغن ۾ فقط ۽ فقط جنگ جو سوداءُ ڀريل هو، ان ڪري دنيا ٽي ڀيرا تباهي جي درياءَ ۾ غوطا کائي چڪي آهي، ويهين صديءَ جي ٻن مهاڀاري لڙائن مان سپر سپرز پاورز ڪو سبق نه پرايو ۽ پنهنجي ڪيميائي هٿيارن (ڪيميڪل ويپنس) تي بانور ڪرڻ لڳا، انٽر سيپشن ميزائل ۽ ڪمپيوٽرائيز ميزائل تي انهن کي غرور هو. هنن دنيا جي مختلف حصن تي پنهنجي مرضيءَ جون حڪومتون قائم ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ جيڪي موتمار هٿيار هنن ايجاد ڪيا هئا، انهن جي آزمائش لاءِ موقعا ڳولهڻ لڳا.
اڄ جي دور ۾ اسان جڏهن ٻه سو سال پٺ تي نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي ان وقت جا سپر پاور بلڪل ڇَسا، جاهل ۽ بي وقوف نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته ان وقت دنيا ۾ زندگيءَ جي گهرج ته سڀ وسيلا ڪتب آڻي، امن پيار ۽ زندگي جو ماحول پيدا ڪجي ها ۽ انسانيت جي بقا لاءِ هٿ پير هڻجي ها. چيانگ سهي پٽي چيو،
پر هنن ائين نه ڪيو. نتيجو اهو نڪتو ته ٽين مهاڀاري لڙائي 1999ع ۾ شروع ٿي، جنهن ۾ ننڍن ننڍن ملڪن، سپر پاور جي اشاري تي پنهنجي حريف ملڪن تي ائٽم بم ڦٽا ڪيا، سپر پاورز، پاڙيسري ملڪن جي شهرن تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪيميڪل هٿيار استعمال ڪيا، جنهن ڪري هر جاندار مريو وڃي، خالي شهر قبضي هيٺ اچيو وڃن، ٻين لفظن جي طاقتن جي نظر ۾ اهو وڃي رهيو ته ڌرتي گهرجي ڌرتي نه!
چيانگ شيڪ سڀني مهمانن تي نظر وڌي ۽ چيو،
ٿرڊ ورلڊ وار جي خاتمي کان پوءِ، انسانن جي بچيل آدمشماري جو انگ ڏيڍ ارب هو ۽ دنيا جي آزاد ملڪن مان جيڪي اڳ ۾ لڳ ڀڳ ٻه سو کن هئا، فقط چوڏهن ملڪ بچيا هئا ۽ اهي به جيڪي سپر پاورز هئا يا انهن جا حمايتي. ۽ هاڻي انهن ملڪن جو تعداد ايڪيهه آهي ۽ آبادي پنج ارب کن ٿيندي. جنگ جي ڀيانڪ دور کان پوءِ هر خطي جي ماڻهن اهو سوچيو ته حيوانن، پکين ۽ جيتن جي ختم ٿيندڙ نسل کي بچايو وڃي. انهن جي نسلن جي واڌاري لاءِ اپاءُ ورتا وڃن. ان لاءِ آبهوا ۽ موسم جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ سوزولينڊ جو علائقو مناسب سمجهيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا جو وڏي ۾ وڏو زو سوزولينڊ ۾ آهي. اهو ته هو مختصر پسمنظر، سوزولينڊ زولاجيڪل گارڊن ۾ ڪلهه هڪ نئون جانور آيو آهي. جنهن جي جسمانيت بناوت انساني بدن جهڙي آهي، ۽ هو تمام گهڻي حد تائين انسان سان مشابهت رکي ٿو. انسان وانگر هن کي وات ۽ زبان آهي پر هن کي ڳالهائڻ جي مڪمل صلاحيت ڪانهي، هن جو ڳالهائڻ بي ربط آهي، جنهن ۾ تسلسل نه آهي، هن کي وڏيون شيون شايد ننڍيون نظر اچن ٿيون.
هاڻي جينٽلمين، اڄ جي هن ميٽنگ ۾ اوهان جي اچڻ جو مقصد ٻڌايان، اوهان کي ان ڪري هتي اچڻ جي نينڍ ڏني وئي آهي ته هن نئين جانور جي تشخيص ڪرڻي آهي ۽ هن جانور جو نالو تجويز ڪرڻو آهي.
هي ماسٽر فائيل آهي، جنهن ۾ هن جانور مطابق شروعاتي معلومات درج ٿيل آهي. هن فائل جي هڪ هڪ ڪاپي اوهان سڀني کي پيش ڪجي ٿي، اوهان هي فائل پاڻ سان گڏ کڻي وڃو. پنهنجي مطالعي کان پوءِ هن جانور بابت چيل ڳالهين جو حل ڳولهيو، اسان کي انهيءِ ڪم لاءِ چار هفتن جو وقت آهي، چئن هفتن بعد اسان سڀني کي هتي اچڻو آهي ۽ پنهنجي پنهنجي راهه کان آگاهه ڪرڻو آهي.
اوهان جئين ته پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ هوشيار عالم آهيو، ان ڪري توهان پنهنجي شعبه علم مطابق پنهنجو مقالو مهرباني ڪري تيار ڪري اچجو ته جئين انن مان مدد حاصل ڪري سگهجي.
هن ڪجهه دير ترسي چيو،
هاڻي اوهان صاحبن جي ذهنن ۾ جيڪڏهن ڪو سوال هجي ته قرب ڪري ڀلي پڇيو.
ترڪي جي ڪينان پاڇا چيو،
اوهان کي هي جانور ڪٿان مليو؟ يا ڪنهن ڏنو؟
شيڪ چيو،
اهو به انهيءَ فائيل ۾ ڄاڻايل آهي. تنهن هوندي به اوهان کي ٻڌايان ٿو، هي جانور عربي سمنڊ جي ڪنارن تان مليو ۽ اهو ڪنارو گرين لينڊ يا گرين انڊيز جو آهي. هي خطو ڏکڻ ايشيا ۾ آهي، هن جانور کي پهرين پهرين پوليڊ جي هڪ شڪاري ڦاسايو هو، جنهن اهو اٽليءَ جي جانورن جي باغ کي عطيي طور ڏنو، ان بعد هن کي اٽليءَ مان خاص طور تي سوزوليڊ گارڊن لاءِ موڪليو ويو آهي.
بروشيا جي هاربي ڊي ڪوسٽر، پنهنجي عينڪ لاهيندي چيو،
مون کي ان جانور متعلق وڊيو فلم گهرجي، جنهن ۾ سندن چوويهن ڪلاڪن جي چرپر رڪارڊ ٿيل هجي، جنهن جي آءُ اسٽڊي ڪندس.
ٺيڪ آهي فلم ڪاپي اوهان کي ملي ويندي.
شيڪ چيو.
ان بعد ڪيترن ئي نمائندن سوال ڪيا ۽ شيڪ جواب ڏيندو رهيو. ميٽنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻاهرين ملڪن جا نمائندا، ٽرانسمٽ پورٽ تي پهتا، جتي کين الوداع ڪيو ويو، ان بعد اهي پنهنجي پنهنجي ٽرانسمٽ بيس جي ڪيبن ۾ داخل ٿيا. جتان هو لهرن (ويز) جي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ جي ٽرانسمٽ بيس ڏي ٽرانسمٽ ڪيا ويا.
هي سسٽم جديد ترقيءَ جي شڪل ۾ ايجاد ٿيو هو، جنهن کي تمام گهڻو عرصو ٿي چڪو هو، پر اڻ پورن وسيلن جي ڪري دير سان رائج ٿيو. هن ۾ ٽرانسمٽ بيس بلڪل ڪنهن ائيرپورٽ جهڙو هوندو آهي، ان ۾ مختلف ڪيبن ٺهيل هوندا آهن، جن ۾ پيسينجر يعني ٽرانسمٽ ٿڻ وارو، داخل ٿيندو آهي ۽ لڳل مشين جي پائيدان تي ڇڙهي بيهندو آهي ۽ ٽرانسمٽ ڊريس پائيندو آهي، هيليمنٽ جهڙو ڪنٽوپ ۽ مخصوص ڳوري وردي پهرڻ کان پوءِ، ٻئي بلڪل سڌا ڪري بيهي رهندو آهي ۽ چند ئي منٽن ۾ سندس وجود لهرن جي صورت ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ جي ڪيبن ۾ پهچي ويندو آهي ۽ ان اک ڇنڀ ۾ هو هزارن ميلن جو مفاصلو طئه ڪندو آهي.

1 اپريل 2190ع سوزولينڊ
زولاجيڪل گارڊن جي ڪانفرنس هال ۾ ٿيندڙ هن گڏجاڻيءَ ۾ اهي ساڳيا نمائندا گڏ ٿيا هئا، جيڪي گذريل ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيا هئا.
سڀني نمائندن نئدن جانور بابت پنهنجا پنهنجا مقالا ۽ لکڻيون پڙهي ٻڌايا. سڀني نمائندن جي گفتگو ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ٿي وئي هئي. ڪمپيوٽر مان رپورٽ تيار ٿي نڪري چڪي هئي، جيڪا چيانگ شيڪ جي اڳيان رکي وئي هئي.
چيانگ شيڪ اها رپورٽ کنئي ۽ پنهنجي سامهون ويٺل نمائندن کي چيو،
معزز مهمانو، اوهان سڀني جي گفتگو جو سٺو حاصل مطلب هن رپورٽ ۾ آهي، جيڪو آءُ اوهان کي پڙهي ٻڌائيندس. هن رپورٽ ۾ جتي ڪا خاص ڳالهه ايندي. اتي حوالو ڏنو ويندو.
اوهان سڀني جي تحقيق مطابق، هي جانور دراصل انسان آهي، جنهن جي اها بگڙيل شڪل آهي، جنهن کي اسان غلطي سان جانور سمجهي ويٺاسين، تنهن ڪري هن وقت کان وٺي، اسان هن کي انسان سڏينداسين ۽ اهو ضروري آهي ته جهڙي طرح انسان ۽ انسانيت جو تقدس ۽ احترام آهي، تنهن موجب هن انسان کي پڃري مان هڪدم ڪڍيو وڃي ٿو.
اسان سڀ، ان ڳالهه تي متفق آهيون ته اِهو انسان ئي آهي، جانور نه آهي. ڇو جو سڀني نمائندن گڏيل رپورٽ ۾ اهو ئي ڄاڻايو آهي ته هن کي پٺيان پڇ ڪونهي، اهو ئي سندس انسان لاءِ مضبوط ثبوت آهي.
سندس حرڪتون (چُرپُر) به ڪنهن طرح سان حيواني نه آهن، يعني هن ۾ انساني خصلتون ۽ جبلتون آهن بقول هاربي ڊي ڪوسٽر.
ان بعد رپورٽ جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تحقيق لاءِ مسٽر ڪينان پاشا فرام ٽرڪي ۽ ٻين ٻن ماهر حيوانيات، ان علائقي جي سروي ڪئي، جتان هن جانور نما انسان کي ڦاسايو ويو هو.
اتان جي رهاڪن کان هن جانور، انسان بابت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ سٺي ڪاميابي حاصل ٿي آهي.
جيئن ته گرين انڊيز جو خطو پاڪيشا ملڪ ۾ آهي، ان ڪري اسان پاڪيشا ۾ ان ٻن ماهر تاريخ دانن ۽ اسڪالرن کي دعوت ڏني آهي، جن سان گفتگو ڪري اسان کي وڏي مدد ملندي ۽ يقين آهي ته ڪجهه نه ڪجهه لاڀ پوندو. آءُ انهن سان رابطو ڪريان ٿو.
چيانگ شيڪ سامهون رکيل ٽيلي فرنٽ جي مائڪرو فون تي چيو،
پاڪيشيا ۾ سيٽلائيٽ ذريعي پروفيسرن سان رابطو ڪرايو وڃي.
سيٽلائيٽ لاءِ ٺاهيل وڏي اسڪرين ڀت تي لڳل هئي، سڀ نمائندا انهيءَ ڏانهن نهاري رهيا هئا، ٿوري دير ۾ ئي جهرمر جهرمر ٿيڻ کان پوءِ، هڪ ڪمري ۾ ويٺل ٻه ماڻهو ظاهر ٿيا، انهن مان هڪڙي ڳالهائڻ شروع ڪيو،
هيلو جينٽلمين، آءُ پروفيسر چوڌري عبدالسلام آهيان ۽ منهنجو هي ساٿي ڊاڪٽر لکنوي آهي، اسين هتي پاڪيشيا ۾ تاريخ تي تحقيق ڪري رهيا آهيون، مهرباني ڪري اوهان به پنهنجو تعرف ڪرايو.
هال ۾ ويٺل نمائندن جو تعرف چيانگ شيڪ ڪرايو ۽ ان بعد پاڪيشيا جي اسڪالرن کي چيو،
هاڻي اوهان مهرباني ڪري پنهنجي تحقيق ڪيل رپورٽ ٻڌائيندا.
ڊاڪٽر سرور لکنوي، ڊگهو ساهه کنيو ۽ پهريون ڀيرو مخاطب ٿيو،
فرينڊس، اسان ٻنهي دوستن اوهان جي ٻنهي گڏجاڻين جي ڪاروائي کي غور سان ڏٺو ۽ هينئر تائين اسان جو سيٽلائيٽ ڪنيڪشن ٽي وي سيٽ آن آهي، چوڻ جو مقصد اهو آهي، اسان اوهان جي سڄي گفتگو کان باخبر آهيون.
اسان دراصل پاڻ به ان عجيب غريب صورتحال مان گذري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان کي کوڙ رپورٽون مليون آهن ته اسان جي ملڪ جي علائقي گرين انڊيز ۾ ڪن جابلو ۽ سامونڊي علائقن جي ويجهو اڃان تائين، اهڙن جانورن...... اوهه سوري جانور نما انسانن جو ڪجهه ٿورو تعداد آهي، اهي ڪير آهن؟ حيواني زندگي ڇو گذاري رهيا آهن؟ ان بابت اسان جي موجوده ۽ نئين جنريشن کي ڪا خبر نه آهي.
پر اسان جي اڳين جنريشن مان ڪجهه اهڙا فرد اڃان تائين زنده آهن، جن کي اها پڪ ۽ يقين آهي ته هي جانور نما انسان، هن ڌرتي جا قديم باشندا هئا، هي هتان جا ئي اصل رهواسي هئا. هنن جي ڌرتي تي ٻاهريان ايندڙ مختلف قومن، نسلن ۽ گروهن جي يلگار هئي. پر هتان جا سياڻا ۽ ڏاها ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي نظر انداز ڪري پنهنجو پاڻ ۾ انا پرستي ويڙهه ۾ رڌل هئا، دانشور ۽ سڄاڻ طبقو اگهور ننڊ ۾ ستل پيل هو. جنهن ڪري قوم بيهوش هئي، بااثر ۽ وڏا ماڻهو هر قوم جا غدار هوندا آهن، ان ڪري هنن جو مٿيون طبقو به غدار هو، جنهن غداري ڪئي، جيتوڻيڪ انهن کي اسان جي اندازي مطابق اها ڄاڻ هئي ته ان کان اڳ ريڊ انڊين، ابارجيز ۽ ٻيون قومون به تاريخ جي صفن تان ميسارجي ويون، پر....
پر پروفيسر لکنوي کنگهڪار ڪري گلو صاف ڪيو،
پر هنن ڪو به سبق نه پرايو ۽ غفلت ۾ ئي رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو،
جيڪڏهن وقت جي رفتار سان گڏ نه هلبو ته پٺ تر رهجي وڃبو
جي اصول تحت پوئتي رهجي ويا ۽ گهڻو پوئتي رهجي ويا، ان بعد ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي، پر اندازو آهي ته ٽين مهاڀاري لڙائي جي ڪري هن ملڪ ۾ جيڪا اقتدار جي اٿل پٿل آئي ۽ ڌارين جي لاڳيتي يلغار جي ڪري هنن جو نسل تباهه ٿي ويو، پر هنن جون اهي ڪجهه نشانيون انهيءَ علائقي جي جبلن ۾ موجود آهن.
لاڳيتو ڪيترن ئي ڏينهن جي تحقيق کان پوءِ ان ڳالهه جا ڪجهه آثار مليا آهن ته جنهن علائقي سان انهيءَ جانور نما انسان جو تعلق آهي، تنهن کي ٻه صديون اڳ سڏيو ويندو هو.
اسان انهئَ نسل کي گرين انڊيز چوندا آهيون، باقي اوهان دنيا پنهنجي فهم فراست مطابق جيڪو نالو وڻي رکي سگهو ٿا.

تاثرات (0)

اڃا ڪو تاثر ناهي.

لاڳاپيل تحريرون
ڪهاڻي
آکيرو
ڪهاڻي
ڀري ٻيڙِي ـ ٻُڏل ٻيڙِي
ڪهاڻي
ڪارڻ
ڪهاڻي
فقير جو پِڙُ